عاصم بن ثابت رضه

عاصم بن ثابترضه: عرب جي اوس قبيلي سان واسطو رکندڙ حضرت عاصم رضه جي ڪنيت ابو سلمان هئي. هجرت کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو. بدر جي جنگ ۽ ان کانپوءِ لڳندڙ سڀني جنگين ۾ شامل ٿيو. بدر جي جنگ ۾ عقبه بن معيط نالي هڪ وڏو ڪافر هن جي هٿان قتل ٿيو ته عقبه جي ماءُ واعدو ڪيو ته جيڪو به حضرت عاصم رضه جو سر آڻي ڏيندو ته مان ان جي کوپريءَ ۾ شراب وجهي پيالي وانگر پيئنديس. سن 3 هجريءَ ۾ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن حضرت عاصم رضه کي ڏهه همراهه ڏئي ڪنهن طرف جاسوسيءَ لاءِ موڪليو. ابن لحيان کي اها خبر پئي ته ان حضرت عاصم رضه ۽ سندس ساٿين کي هڪ پهاڙيءَ وٽ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ حضرت عاصم رضه سميت ستن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيائين. قريش کي موقعو ملي ويو ته جيئن اهي سندس سر ان عورت کي آڻي ڏين ۽ پنهنجي مرضيءَ جي رقم وصول ڪن. ان ارادي سان اهي جڏهن حضرت عاصم رضه جي لاش وٽ پهتا ته انهن کي اوچتو خوفناڪ مکين اچي ورايو ۽ انهن ڀڄي جان ڇڏائي. ٻئي ڏينهن تي تيز برسات پئي، جنهن سان ٻوڏ آئي، ان ٻوڏ ۾ حضرت عاصم رضه جو لاش لڙهي گم ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڪافرن کي سندس لاش جي بي حرمتيءَ جو موقعو نه ملي سگهيو ۽ الله تعالى سندن حفاظت ڪئي. عرب جو مشهور شاعر احوص، حضرت عاصم رضه جو پوٽو هو ۽ ان جي ڀيڻ حضرت امير عمر رضه جي نڪاح ۾ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو